چشما لعل شهباز جا

چـشما لعل شهباز جا: سيوهڻ شهر جي آسپاس چشما ملن ٿا، جن کـي ’لعل شهباز جا چشما‘ سڏيو ويندو آهي. سيوهڻ کان ٻه ميل پري اڙل واهه جي ڪپ تي هڪڙو ننڍو باغيچو آهي، جنهن کي لال باغ چون ٿا، اتان نڪرندڙ قدرتي چشمن کي ’لعل شهباز جا چشما‘ چيو ويندو آهي، جن جو پاڻي پوک لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. قلندر لعل شهباز جا مجاور ان پاڻيءَ تي پوک ڪن ٿا. چشمي مان باغ ۾ پاڻي پهچائيندڙ اَڏ کي به ’لال جي واهي‘ يا ’ننڍي واهي‘ سڏيندا آهن. ننڍين اڏن ۾ گڏ ٿيل پاڻيءَ کي ’ٽوڀو‘ چون ٿا، جن جو پاڻي ڪَر جھلي بيٺل هوندو آهي ۽ اهو چشمي وانگر وهندڙ نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو